آشا چاند

آشا چاند

آشا چاند

آشا چاند: آشا چاند، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب اي. جي. اُتم ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جي لائق نياڻي، 23 مارچ 1951ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائي. هن بي. اي ايڪانامڪس ۽ ايم. اي (سنڌي ادب)، سان گڏ بزنس مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما ۽ بئنڪنگ جو BIIS جو ڪورس پاس ڪيل اٿس. پنهنجي مڙس چاند پنجابيءَ (پنجابي سنڌي هندن جي نک آهي) سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪري رهي آهي. هوءَ هڪ ئي وقت پبلشر، ميوزڪ پروڊيوسر، ٽي وي پروڊيوسر ۽ ادبي ثقافتي پروگرامن جي آرگنائيزر آهي. هن نوجوان نسل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سي ڊيون (CDs) تيار ڪيون آهن، جن ۾ سڀ کان مقبول سي. ڊي ‘Let’s Learn Sindhi’ (اچو ته سنڌي سکون) آهي. هن خاص ڪري سنڌي ٻارن لاءِ هڪ نئين سي. ڊي ”پنجتنتر“ نالي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ ننڍيون ڪهاڻيون، نرسري گيت ۽ رانديون شامل آهن. ان کان سواءِ هن هند ۾ سنڌي ادب جي ٽمورتي- ڪيرت، اتم ۽ مالهي جي انٽروين تي مشتمل هڪ آڊيو ڪيسٽ به جاري ڪئي آهي. آشا چاند سنڌي ٻولي، ادب ۽ ورثي جي سگهه ۽ اهميت محسوس ڪندي 2000ع ۾ دبئيءَ ۾ ”سنڌي سنگت“ نالي آرگنائيزيشن جوڙي موجوده سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ آڊيو ويوزئل ميڊيا ذريعي دلچسپ ٽيلي فلمن (Tele films) ۽ T.V پروگرامن لاءِ سنڌي ميوزڪ وڊيو تيار ڪرڻ تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. ان ڏس ۾ هن ابتدا پنهنجي ماءُ جي لکيل ”ولايتي گهوٽ جي ڳولا“ سميت سنڌي ٽيليويزن پروگرامن لاءِ 16 ٽيلي فلمون تيار ڪيون آهن، آشا چاند دبئيءَ ۾ ڪي ٽي اين جي ڪيترن گرانڊ ميوزيڪل پروگرامن ۾ سهڪار ڪري چڪي آهي. سندس نياڻي مومل پڻ بهترين ڪمپيئر ۽ اداڪاره آهي، جيڪا ماءُ سان سنڌي ٻوليءَ جي مٿين ترقيءَ وارن پروگرامن ۾ ٻانهن ٻيلي هوندي آهي.


لفظ آشا چاندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.03.23  عيسوي

آشا چاند 23 مارچ 1951ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن ناصر
آغا بدر الدين گهنيو
محمد ميان سومرو
الھبچايو فقير
پلي محمد صديق
خدابخش سومري جي درگاهه
ارل اسٽين
جتوئي عبدالرحيم آزاد
شميم ميمڻ
انور ڪليم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون